پلصراط ڪتاب

پلصراط (ڪتاب): هيءَ جيل جي ڊائري مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي لکيل آهي. جڏهن کيس 1992ع ۾ گرفتار ڪري فوجي حراست ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي، هي انهي زماني جي جيل جون يادگيريون آهن، جيڪي پيرائتي نموني سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ سردار شاهه لکيو آهي، جنهن ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي ڪردار ۽ سنڌ جي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي سهڻي نموني چٽيو آهي. هي ڪتاب نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ ڪل 104 صفحا آهن. چئن رنگن واري ٽائيٽل سان هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو